ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي عدالتي قتل قرار ڏيڻ جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏيڻ جو صدارتي ريفرنس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي لارجر بينچ ڪندو. ذريعن موجب صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿيندي ياد رهي ته 2011 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ان وقت جي صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت ريفرنس داخل ڪيو هو. ان وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پنهنجي سربراهي ۾ 11 رڪني لارجر بينچ جوڙيو هو جنهن 3 جنوري 2012 کان 12 نومبر 2012 تائين ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ڪيون پر ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو. جنهن کان پوءِ هاڻ 11 سالن جي ڊگهي وقت کان پوءِ ريفرنس ٻيهر ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي.