پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٽي وي تان لائيو ڏيکارڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين سپريم ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪري ڇڏي آهي ذوالفقار علي ڀٽو طرفان سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي ريفرنس منهنجي والد آصف زرداري طرفان داخل ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي سازش جي الزام ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي. شهيد ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي پر سندس نظريو اڄ به زنده آهي داخل ڪيل درخواست ۾ بلاول ڀٽو پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته ماڻهو ريفرنس جي ڪارروائي سڌيءَ ريت ڏسڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. استدعا آهي ته ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو 9 رڪني لارجر بينچ سڀاڻي ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اپريل 2011 ۾ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو هو ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.