متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ رئوف صديقي شاهد خاقان عباسي کي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي ڪراچي ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ شاهد خاقان عباسي وچ ۾ ملاقات ٿي جتي هن اڳوڻي وزيراعظم کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني، ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي رئوف صديقي چيو ته شاهد خاقان عباسي کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏيان ٿو جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم کيس چيو ته لاهور ۾ ايم ڪيو ايم جو نائب صدر منهنجي ڳوٺ جو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته مڊل ڪلاس پارٽي ئي ملڪ جي ترقي جو حل آهي. ان موقعي تي رئوف صديقي شاهد خاقان عباسي کي ملڪي حالتن جي حوالي سان ڪجهه شعر به ٻڌايا ياد رهي ته سمال انڊسٽريز کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي سميت ٻيا جوابدار احتساب عدالت پهتا هئا احتساب عدالت ٻاهران ڳالهيون ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي چيو ته اٺ سالن کان ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ايم ڪيو ايم کي رليف نه عدالتن مان فيصلو گهرجي، معافي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اڳ وارن ڪيسز مان به بري ٿيا آهيون هن ڪيسز ۾ به بري ٿينداسين رئوف صديقي چيو ته ڪهڙي ڳالهه جي معافي گهران، ڪيس ڪيا ويا آهن ته انهن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جنهن اسان تي ڪيس داخل ڪيا آهن اسان انهن جي خلاف ڪيس آسمان تي داخل ڪرايا آهن. ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪيترائي سال جيل ڪاٽيا آهن. اسان کي ته معافي ملڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. معافي ته اشرافيه لاءِ هوندي آهي، اشرافيه لاءِ رات ڏينهن عدالتون لڳنديون آهن.