رائونتي ڪچي ۾ شر برادري جي ماڻهن ڳوٺ محمد بخش مهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهر برادري جو ڇهن سالن جو معصوم ٻارڙو ادريس مهر گولي لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو اهڙو اطلاع رائونتي پوليس کي ملندي واقعي واري هنڌ پهچي زخمي معصوم ٻار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته رائونتي پوليس جهيڙي واري هنڌ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي هوڏانهن ايس ايڇ او رائونتي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌرين ۾ پراڻي زمين معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي زخمي نينگر کي علاج لاءِ موڪليو آهي وارث جڏهن چاهن ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدار به گرفتار ڪيا ويندا