اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نقيب الله ڪيس ۾ بري ٿيندڙ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار نقيب الله ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ مان بريت کان پوءِ پنهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته وڪيل موجب رائو انوار جي خلاف جيڪو ڪيس هو اهو هاڻ ختم ٿي چڪو آهي ۽ رائو انوار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل به نه آهي. عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي کان پوءِ گهرو وزارت سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته رائو انوار جو نالو نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ اي سي ايل ۾ وڌو ويو هو. ٽرائل ڪورٽ هن ڪيس ۾ رائو انوار کي بري ڪري ڇڏيو آهي.