راولپنڊي کان راولاڪوٽ ويندڙ ڪوسٽر آزاد پتن پانه پل ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 30 مسافر فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ٽيمون حادثي واري جڳهه روانيون ٿي ويون آهن. ڪوسٽر ۾ لاش ۽ زخمي ڦاٿل آهن جن کي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ڪمشنر پونچهه ڊويزن سردار عبدالوحيد موجب حادثو آزاد پتن ۽ ڪهوٽه وچ ۾ پانه پل جي ڀرسان پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون راولاڪوٽ ۽ سدهوتي واري هنڌ تي حادثي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن. ڊپٽي مشنر سدهنوتي عمر فاروق ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن ۾ ٻار، عورتون ۽ مرد شامل آهن فوت ٿي ويل ماڻهن جو تعلق ضلعي سدهوتي سان ٻڌايو پيو وڃي.