راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني اسپنرز کي شاندار بولنگ جي بدولت انگلينڊ جي ٽيم ٻئي اننگز ۾ 112 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 36 رنسن جو حدف مليو جيڪو پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ طرفان ڏنل 36 رنسن جو حدف ماڻڻ لاءِ پاڪستاني اننگز جي شروعات صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق ڪئي پر 14 جي گڏيل اسڪور تي صائم ايوب جيڪ ليچ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. هن 8 رنسون ٺاهيون هيون.صائم جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ شان مسعود وڪيٽ تي آيو ۽ ايندي ئي 3 بالن تي 3 چوڪا لڳايا، قومي ٽيم جي ڪپتان ڇڪو لڳائي وننگ شارٽ کيڏيو. هن 6 بالن تي 4 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 23 رنسون ٺاهيون. سعود شڪيل کي به پهرين اننگز ۾ شاندار سينچري تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. جڏهن ته ساجد خان کي شاندار بالنگ تي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.نعمان علي سيريز ۾ 20 ۽ ساجد خان 19 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ٻنهي ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻن ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پاڪستان تقريبن ساڍن 3 سالن کان پوءِ پنهنجي زمين تي ٽيسٽ سيريز کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پاڪستان آخري هوم ٽيسٽ سيريز جنوري 2021 ۾ ڏکڻ آفريقا جي خلاف کٽي هئي.