راولپنڊي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، جلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ تي پابندي لاڳو

 امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ 3 ڏينهن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنرز راولپنڊي حسن وقار چيمه جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوليس اختيارين کان علاوه ضلعي آفيسرن ۽ انتظامي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جهلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ تي پابندي هوندي، قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڊي سي راولپنڊي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته امن امان کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ 3 ڏينهن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ اضافي سيڪيورٽي به مقرر ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب راولپنڊي ۾ هر قسم جا عوامي جلسا، جلوس ۽ ريلي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. عوامي اجتماع سميت ٻين تقريبن تي به 3 ڏينهن جي لاءِ پابندي لڳل رهندي. پابندي جو فيصلو 8 کان 10 نومبر تائين هوندو.