وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي صلاحڪار ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سان ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله محمود خان اچڪزئي سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته هن محمود خان کان سوال ڪيو هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان اوهان کي ڪهڙو مينڊيٽ ڏنو آهي؟ ڇو ته هو اهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته هو اسان سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهي. راڻا ثناءُالله ٻڌايو ته محمود خان اچڪزئي انهي ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيستائين سڀ هڪ ٻئي کي برداشت ڪري ڳالهيون نه ڪندا معاملو اڳيان نٿو وڌي سگهي. نوازشريف به هميشه اهائي ڳالهه ڪئي آهي، هن ڪڏهن به اهو نه چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ڪڍي ڇڏيو. انهي کان علاوه 9 مئي تي معافي گهرڻ جي شرط بابت سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته سياست ۾ ڪجهه ڳالهين جا جواب ڏيڻ لازمي هوندا آهن ڇو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان روز اهو چوندو آهي ته مان هنن سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهيان. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته شهباز شريف وزيراعظم بڻجندي ئي سڀني کي جڏهن ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي ته انهي وقت هن معافي جي شرط نه لڳائي هئي.