راڻيپور جي عدالت فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس اي ٽي سي عدالت منتقل ڪري ڇڏيو

راڻيپور ۾ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت فاطمه قتل ڪيس ۾ جوابدار اسد شاہ جو ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو. عدالت جوابدار اسد شاهه ۽ امتياز ميراسي کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کي سڀاڻي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ خيرپور ۾ پيش ڪيو ويندو جاچ دوران حراست ۾ ورتل ايس ايڇ او امير چانگ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ اڳوڻو ايم ايس علي حسن وساڻ کي بي گناھ قرار ڏيڻ واري جي آء ٽي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جي آء ٽي پاران ڪيل جاڇ رپورٽ تي فريادي ڌر ۽ جوابدار ڌر اتفاق ڏيکاريو جنھن بعد عدالت حراست ۾ رکيل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي مُک جوابدار پير اسد شاھ ۽ امتياز ميراسي کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ کان پوءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ڪيس جي آء او ايس ايڇ او بچل قاضي عدالت کي درخواست ڪئي ته فاطمه قتل ڪيس کان پوءِ هن ڪيس بابت تمام گهڻي وايوليسشن ٿي آهي جنهن تحت اي ٽي سي جا سيڪشن لڳايا ويا آهن هي ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ڏانهن موڪليو وڃي جنهن تي فريادي شبنم ڦرڙو جو وڪيل ليگل ايڊ ڪميٽي ايڊوڪيٽ نثار ڀنڀرو ايڊوڪيٽ بختاور شيخ امجد گبول ساھتي لايرس فورم نوشھرو فيروز جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد ناياب شاھ پاران دليل ڏنا ويا ته هن ڪيس جي تمام گهڻي وايوليشن ٿي آهي پوسٽ مارٽم دوران معصوم نينگري جي جسم تي تشدد ۽ زيادتي جا نشان مليا آهن هي ڪيس هاء پروفائيل ٿي چڪو آهي ان ڪري هن ڪيس کي اي ٽي سي ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي جوابدار ڌر پاران ايڊوڪيٽ مرتضي شاهه دليل ڏنا. ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سول ڪورٽ جي جج اي ٽي سي جا قلم لڳائڻ جي منظوري ڏيندي جوابدار اسد شاہ ۽ امتياز ميراسي جي ڪيس کي خيرپور اي ٽي سي ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي جي آءِ ٽي پاران حراست ۾ رکيل ايس ايڇ او امير علي چانگ، ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، اڳوڻي ايم ايس علي حسن وساڻ کي بيگناھ قرار ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو