راڻيپور: فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار حنا شاهه گرفتار

راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار حنا شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي حنا شاهه فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي مُک جوابدار اسد شاهه جي گهر واري ۽ فياض شاهه جي نياڻي آهي. حنا شاهه فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گذريل مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ مان 7 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت حاصل ڪرڻ بعد عدالت ۾ به پيش نه ٿي هئي جنهن بعد خيرپور جي پوليس طرفان کيس روپوش ڄاڻايو ويو هو هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس جي پريشر کان پوءِ فاطمه قتل ڪيس ۾ نامزد مُک روپوش جوابدار حنا شاهه پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي. حنا شاهه کي هاڻ سڀاڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت خيرپور ۾ پيش ڪيو ويندو ٻئي طرف جوابدار اسد شاهه ۽ سهولتڪار امتياز ميراڻي جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي جوابدارن کي خيرپور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن.