راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ مان مبينا طور لاپتا ٿي ويل ناري ثنا گراماڻي جي والد ديدار حسين گراماڻي جي فرياد تي پير سهيل شاهه سميت 6 ڄڻن خلاف راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي داخل ڪيل ايف آئي آر ۾ ديدار گراماڻي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڌيءَ ثنا گراماڻي کي پير سهيل شاه پئسن عيوض اغوا ڪري کيس وڪرو ڪري ڇڏيو آهي ڪيس جي متن موجب ثنا جي رشتي جي حوالي سان تڪرار هلندڙ هو، جنهن کان پوءِ ثنا کي امانت طور حويلي ۾ رکيو ويو ثنا جي پيءُ ديدار گراماڻي موجب ڪجهه وقت اڳ ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ حويليءَ وياسين ته پير سهيل شاهه چيو ته آمريڪا مان مهمان اچي رهيا آهن ان ڪري ثنا في الحال نه هلندي جنهن بعد اسان واپس موٽي آياسين 20 ڏينهن کانپوءِ سهيل شاهه جي ڀاءُ پير شاهي شاهه فون ڪري ٻڌايو ته ثنا صبح سوير پنهنجي نانيءَ جي گهر هلي وئي آهي معلوم ڪيوسين ته ثنا اتي به موجود نه هئي ڪيس جي متن ۾ ديدار گراماڻي طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پير سهيل شاهه، سندس سالي امجد مشوري، رياض مشوري ۽ سندس گهر واري ارشاد خاتون ثنا کي قتل يا وڪرو ڪرڻ لاءِ اغوا ڪري ويا آهن ھوڏانھن پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي