رجيم چينج آپريشن۾ فواد چوڌري جو ڪردار شڪي هو، جنرل باجوه سان ٻٽ بڻيل هو: شير افضل مروت

 تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني مون کي پاڻ ٻڌايو ته رجيم چينج آپريشن ۾ فواد چوڌري جو ڪردار شڪي هو، پي ٽي آءِ باني موجب فواد چوڌري جنرل باجوه سان ٻٽ بڻيل هو. شير افضل مروت چيو ته فواد چوڌري تي فرمائشون ڪيئن پيون، هو وي آءِ پي جيلن ۾ رهيو، فواد چوڌري بنا گهرايل مهمان ۽ پرائي شادي ۾ عبدالله ديواني جيان اسان جي خلاف ڳالهايو هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ٻڌايو ته فواد چوڌري چئي رهيو آهي ته خان جي  چوڻ تي عليم يا ترين گروپ ۾ ويس جيڪو ڪوڙ آهي، فواد چوڌري باجوه صاحب سان گڏ پيغام پهچائڻ جو به ڪم ڪندو رهيو آهي. شير افضل مروت چيو ته جڏهن پارٽي کي ضرورت هئي ته فواد چوڌري جهڙا ماڻهو ڀڄي ويا هئا، جيڪڏهن فواد پارٽي ۾ واپس آيو ته پوءِ ٻين ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه؟ انهن کي به واپس گهرايو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني مون کي گهرايو آهي، پاڪستان واپس پهچندي ئي ان سان ملاقات ڪندس، پي ٽي آءِ باني سان 15 يا 16 جولاءِ تي ملاقات ٿي ويندي.