رحيم يار خان ۾ مڙس ساهورن جي گهر ۾ ترسيل ناراض گهر واري، سس ۽ ٻارن سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

  رحيم يار خان ۾ مڙس ساهورن جي گهر ۾ وڃي ناراض گهر واري، سس ۽ ٻارن سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار جي گهر واري ناراض ٿي ساهورن ۾ هلي وئي هئي جنهن کان پوءِ مڙس ساهورن ۾ وڃي ناراض گهر واري، سس ۽ ٻارن سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار سمورن ماڻهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.