رمضان شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪ ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو

رمضان المبارڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ملڪ جي سمورن وڏن شهرن ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو ڪراچي ۾ وڪرو ٿيندڙ ڀاڄين جي قيمتن ۾ 25 کان 100 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. پٽاٽا 70 کان 80 روپيه في ڪلو، بصر 250 کان 300 روپيه في ڪلو، ٽماٽا 200 روپيه ڪلو، ٿوم 600 روپيه، ادرڪ 600 روپيه، سايون مرچون 400 روپيه، شملا مرچ 600 روپيه، ليما 450، بند گوبهي 160، مٽر 240 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا اهور ۾ به ڀاڄين، فروٽ ۽ گوشت جي قيمت ۾ اضافو ٿي ويو، دڪاندارن جي من مانين پرائيز ڪنٽرول مئجسٽريٽ جي ڪارڪردگي کي به مات ڏئي ڇڏي. وڏي جو گوشت 1200 روپيه ڪلو تائين وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ننڍي جي گوشت جي سرڪاري قيمت 1600 جي بجاءِ 2300 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. ڪيلا 250 روپيه درجن ۽ صوف 400 روپيه ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. مٽر 150، ڀينڊي 400، ڪريلا 600 روپيه، ٿوم 500، ادرڪ 650 روپيه بصر 230 جي بجاءِ 300 روپيه، ٽماٽا 200 روپيه، پٽاٽا 80 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن رمضان کان اڳ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو غريب عوام جا اهنج ٻيڻا وڌائي ڇڏيا آهن. رڪارڊ مهانگائي سبب غريب پورهيت طبقي جو هڪ وقت جي ماني کائڻ وڏو چيلينج بڻيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڀاڄين ۽ فروٽ جي قيمت ۾ اضافي سندن سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن.