لنڊن جي هڪ برطانوي جريدے دعويٰ ڪئي آهي ته Russia، Iran کي اهڙا جديد ڊرون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، جن کي جام نٿو ڪري سگهجي۔رڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اهي ڊرون آپٽڪ فائبر ٽيڪنالاجي ذريعي هلن ٿا ۽ خليج فارس سميت مختلف علائقن ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته GRU جي تيار ڪيل خفيه منصوبي تحت ايران کي 5 هزار گهٽ فاصلي وارا ڊرون فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته ڊگهي فاصلي لاءِ سيٽلائيٽ گائيڊڊ نظام پڻ شامل هئا۔رپورٽن موجب اهڙي قسم جا ڊرون روسي فوج اڳ ۾ Ukraine خلاف جنگ ۾ استعمال ڪري چڪي آهي۔دستاويزن ۾ اهو واضح ناهي ته روس اها آڇ ڪڏهن ڪئي ۽ ايران ان کي قبول ڪيو يا نه، پر هن انڪشاف کان پوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي خدشن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي۔