رياستي ادارن ۽ پوليس اسانجي بقا ۽ تحفظ لا۽ ڪي به اپاء ناھن ورتا۔ سنڌ جي اقليتي برادري جي ماڻھن کي نڌڻڪو ڪري

رياستي ادارن ۽ پوليس اسانجي بقا ۽ تحفظ لا۽ ڪي به اپاء ناھن ورتا۔ سنڌ جي اقليتي برادري جي ماڻھن کي نڌڻڪو ڪري ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي حوالي ڪيو ويو آھي رياستي ادارا ۽ پوليس چند ڏوھارين کي قابو نٿي ڪري سگھي ته ٻيا وڏا ۽ نازڪ توڙي حساس مسئلا ڪيئن حل ٿيندا اسان پوليس جي ڪردار ۽ رياست جي بي حسي تي سخت مايوس ٿيل آھيون۔ اھڙو اظھار ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن مان آيل پئنچايت جي اڳواڻن مکي سريش لال۔ ڊاڪٽر مھرچند ۽ چوڌري نريش ڪمار ڪنڌڪوٽ جي مئن نيشنل پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھنن چيو ته صبحاڻي کان ڪشمور ۾ وڌنڌڙ بدامني ۽ مختلف اغوا ٿيل اقليتي برادري جي ماڻھن جي بازيابي لا۽ احتجاجن جو عمل شروع ڪيو ويندو۔ اڳواڻن چيو ته اسان ڪشمور پوليس جي ڪردار مان مڪمل مايوس ٿي ويا آھيون۔ چونڊيل ميمبر ووٽ وٺڻ مھل اسانڏي لنگھي اچن ٿا پر عملن اسانجي ڏکن ۽ سکن ۾ اسانجي ھنن سار نه لڌي آھي جنھنڪري اسان اقليتي ڪشمور ۾ پاڻ کي نڌڻڪو ۽ بي يار و مددگار محسوس ڪريون ٿا اڳواڻن چيو ته پوري علائقي کي خبر آھي ته مکي جڳديش ۽ معصوم جئي ديپ کي ڪنھن اغوا ڪيو پر پوليس اڍائي مھينن تائين ڏوھارين کي سوگھو نه ڪري سگھي آھي۔ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪشمور جي ڪچي ۾ فوجي آپريشن ڪيو وڃي۔ اسانجا مغوي بازياب ڪرائي ڏنه وڃن اسان جمعي ڏينھن کان پوري ضلعي اندر مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري احتجاج جي ڀرپور شروعات ڪنداسين