اسلام آباد: وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) جي سائبر ڪرائيم ونگ پاڪستان پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاندانه گلزار کي طلب ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي موجب شاندانه گلزار کي رياست مخالف پروپيگنڊا ۾ سهڪار ڪرڻ تي طلب ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ کي 20 اپريل تي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ طلب ڪيو ويو آهي.نوٽيس جي متن موجب شاندانه گلزار پيش ٿي سائبر ڪرائيم ونگ کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪيرائي.