پريالوءِ : ۾ جسقم پاران سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن ٺاهڻ خلاف احتجاج ريلي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيريون ٿا مظاهرين موجب سنڌو درياء تي پنجاب پاران 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريالوء ۾ جسقم سرمد سندي يونٽ پريالوءِ جي سڏ تي جسقم جي ڪارڪن پريالوءِ شهر کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪندي شهر جي مختلف چوڪن چوراهن کان ٿيندي پريس ڪلب تي پهتا جتي ريلي جي اڳواڻن آصف ديشي ڪامريد معيد ڪنڌر ، ڪامريڊ عجيب مهر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياء صدين کان سنڌ جي آهي پنجاب سامراج حڪمران پنهنجا انا خاطر سنڌو مان غير قانوني 6 ڪئنال ڪڍي سنڌوجي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪونه ڪندا ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ سنڌو سنڌو مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪرڻ لاء تيار آهيون هنن وقت جي حڪمرانن کي چتاء ڏيندي چيو ته سنڌو تي ميري نظر رکندڙ پهنجو قبلو درست ڪن ٻئي صورت ۾ سنڌ جو پاڻي بند ٿيڻ خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي