ريتي: ڀرسان هٿياربندن ڪمند جي فصل ۾ ڪم ڪندڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ قابل سولنگي پرويز سولنگي ۽ گهر اندر ويٺل مسمات حميده سيلرو به گولين جي کاڄ بڻجي وئي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي هٿياربندن ڪمند جي فصل ۾ ڪڙو چاڙهي فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي فائرنگ ۾ ڌاڙيل عمرو شر، ۽ ڪمون ڪوش مارجي ويا جڏهن ته ٽن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن، پوليس جو ڌاڙيلن سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ذريعن موجب ڪجھ وقت اڳ شر ۽ ڪوش برادري جا ماڻھون کنڀڙا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا تنھن جي مخبري جو الزام سولنگي برادري مٿان مڙهيو ويو ھو جنھن جي پلاند ۾ ھي قتل ڪيا ويا آهن پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پھتل آھي فائرنگ جو سلسلو به جاري آهي