تفصيل موجب ريجنل ٽيڪس آفيس ان لينڊ روينيو حيدرآباد زون ۾ جعلي سيلز ٽيڪس جو وڏو اسڪينڊل پڪڙجي پيو، جوابدارن اربين رپين جون جعلي سيلز ٽيڪس انوائسز جمع ڪرايون، آفيسرن جو چوڻ آهي ته سيلز ٽيڪس ريٽرن جي جاچ دوران فراڊ جو انڪشاف ٿيو، جوابدار ثنا اسلم. ۽ ڪاٽن ڪلپس نالي ڪمپني جعلي سيلز ٽيڪس انوائسز جمع ڪرايا، ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ڪمپني مالڪ ثنا ۽ ٻيا جوابدار غير قانوني ان پٽ ٽيڪس ايڊجسٽمينٽ ۾ ملوث آهن، جوابدارن خلاف سيلز ٽيڪس فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.