قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش لعل انڪشاف ڪيو آهي ته ريلوي اختياريون ٽريڪ جي چوڌاري حددخليون ختم ناهن ڪرائي سگهيون، ڪنهن به وقت وڏو ٽرين حادثو ٿي سگهي ٿو. قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي ريلويز جي ذيلي ڪميٽي جي ڪنوينر رميش لعل جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو رميش لعل چيو ته ريلويز اختيارين ٽريڪ جي چوڌاري حددخليون ختم ناهن ڪرائي سگهيون ڪنهن به وقت ڪو وڏو ٽرين حادثو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ريلويز اختياريون حددخلين جي مد ۾ ڀتو وٺنديون آهن ۽ ريلويز آفيسر اداري کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ريلوي اختياريون سنجيده ٿي وڃن ۽ قبضا ختم ڪرائين، سکر ڊويزن ۾ 20-20 ڪروڙ جي پراپرٽي تي قبضو آهي. ڪميٽي ميمبرن چيو ته ڊي ايس پنهنجي ڊويزن ۾ ڪم ڪري ڏيکاري، جنهن تي رميش لعل چيو ته ڊي ايس آفيسر پنهنجي ڊويزن جو وزٽ ئي ناهن ڪندا.ريلوي اختيارين چيو ته مين لائن کان علاوه ٽريڪ تي ٽرينون نٿيون هلن، ڪراچي کان پشاور ۾ لائن کان علاوه سائيڊ لائين ڏينهن به ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، ريلويز جي هڪ ڌار ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا ريلويز جي ايراضي جي معاملن کي ڏسندي. ڪميٽي ميمبر وسيم قادر چيو ته ريلويز هيڊ ڪوارٽر ۾ گڏجاڻي گهرائي وڃي ۽ ريلويز آفيسرن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو کي به ڪميٽي ۾ گهرايو وڃي. ريلويز پوليس چيو ته ڪوئٽه اسٽيشن حادثي جي رپورٽ ڊي ايس ڪوئٽه هيڊ ڪوارٽر کي پيش ڪئي پر عمل نه ٿي سگهيو، ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن جي ڀت به ٽٽل آهي، لاهور کان علاوه سڄي ملڪ ۾ ريلوي اسڪينر خراب آهن ۽ واڪ ٿرو گيٽ به سمورا خراب آهن.