ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جو اڄ آخري ڏينهن

ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 9 ججز تي ٻڌل ايپليٽ ٽربيونل ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪري 10 جنوري تائين فيصلا ڪندو. هينئر تائين 100 کان وڌيڪ اپيلون ٽربيونل ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جن تي ٻڌڻي جو سلسلو جاري آهي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف جي اين اي 130 تان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. ايپليٽ ٽربيونل جي جج رسال حسن سيد اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ريٽرننگ آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو عدالت رجسٽرار آفيس جو اعتراض به ختم ڪري ڇڏيو. رجسٽرار آفيس طرفان گڏيل دستاويزات نه لڳائڻ جو اعتراض داخل ڪيو ويو هو ياد رهي ته نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ خلاف داخل اپيل مقامي وڪيل اشتياق احمد داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نوازشريف تاحيات نااهل آهي ريٽرننگ آفيسر قانون جي ابتڙ فيصلو ٻڌايو ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي باني اين اي 122 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي باني پنهنجي موقف ۾ چيو ته ريٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا. ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا وڃن ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 3 جنوري تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون.