ريٿڪ روشن ۽ صبا جي شادي نومبر ۾ ٿيڻ جو امڪان

ممبئي: باليووڊ سپر اسٽار ريتڪ روشن ۽ صبا آزاد جي شادي جون خبرون هلن پيون پر هاڻي اها خبر آئي آهي ته اهي ڪهڙي مهيني ۾ شادي ڪندا.هڪ ڀارتي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار جوڙو هلندڙ سال نومبر ۾ شادي ڪندو.انکان اڳ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته ريتڪ روشن جي گهروارن صبا کي قبول ڪري ورتو آهي جنهن کانپوءِ هاڻي ان جي شادي جون تياريون شروع ٿي ويون آهن.تنهن هوندي به ريتڪ روشن طرفان باضابطا طور هن وقت تائين پنهنجي رشتي جو اعتراف ناهي ڪيو ويو جيتوڻيڪ گذريل هڪ سال ۾ اداڪار سان گڏ صبا آزاد کي ڪيترائي ڀيرا گڏ ڏٺو ويو آهي.خيال رهي ته صبا آزاد جو نالو صبا سنگهه گريوال آهي ۽ هوءَ اداڪاري سان گڏوگڏ گلوڪارا ۽ ٿيٽر ڊاريڪٽر به آهي.