غير ملڪي ذريعن موجب، هڪ نوجوان ريڇ جو لباس پائي پنهنجي گاڙي ۾ داخل ٿي ويو، اُميد رکندي ته گاڙي کي ڪنهن جهنگلي جانور پاران ٽوڙپھڙ جو نشانو بڻايو ويو آهي. ان شاطر نوجوان جو مقصد اهو هو ته هڪ فرضي بيمه جو دعويٰ ڪري رقم حاصل ڪئي وڃي، پر اهو سڄو ڊرامو جلد ئي فاش ٿي ويو ۽ چار ماڻهن کي لاس اينجلس ۾ حراست ۾ وٺي انهن کي انشورنس فراڊ ڪيس جو سامو آهي. انشورنس ڪمپني پاران تحقيقات ڪندڙن جلد ئي اهو تعين ڪيو ته هي نقصان جان بوجھ ڪري ڪيو ويو هو. جنوري ۾ به اهڙي هڪ واقعو رپورٽ ٿيو هو جنهن ۾ مبينا طور تي هڪ ريڇ 2010 جي رولز رائس گاڙي ۾ داخل ٿيو هو، گاڙي جي مالڪ سي سي ٽي وي فوٽيج ثبوت طور پيش ڪئي هئي. بهرحال، انشورنس ڊپارٽمينٽ طرفان ان سڄي کہاني کي مشڪوڪ قرار ڏنو ويو هو، ويڊيو ۾ ڏيکاريل هو ته هڪ ريڇ لگژري گاڙي جي کڙڪي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پر جانور جي چمڙي مشڪوڪ طور تي چمڪدار ۽ هموار ڏيکاري رهي هئي.