انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت ۾ 90 پئسن جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 290 رپين 86 پئسن جي سطح تي بند ٿيو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت 2 رپيا گهٽ ٿي، جنهن کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 293 رپين تي وڪرو ٿي رهيو آهي.