ڪراچي : ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو قدر بحال ٿيڻ لڳو آهي.اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي جي ٻئي ڪاروباري ڏينهن دوران انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ پئسو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 284 رپيا 97 پئسا مان گهٽ ٿي 287 رپيا 96 پئسا ٿي ويو آهي.ياد رهي ته گذريل ٽن ڪاروباري ڏينهن دوران رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي نظر آئي آهي.