سپريم ڪورٽ حق مهر جي حوالي سان وڏو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته زال جڏهن به گهر ڪري مڙس حق مهر ادا ڪرڻ جو پابند هوندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حق مهر جي حوالي سان 3 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حق مهر شرعي گهرج آهي، جنهن جو تحفظ ملڪي قانون ۾ به موجود آهي. حق مهر ادا ڪرڻ جو وقت نڪاح نامي ۾ مقرر ٿيل نه هجي، زال ڪنهن به وقت گهري سگهي ٿي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته موجوده ڪيس ۾ زال کي حق مهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرڻو پيو جيڪو 6 سالن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پهتو عدالتن غير ضروري اپيلون داخل ڪرڻ تي مڙس تي ڏنڊ لاڳو نه ڪيو. غير ضروري اپيلن تي ڏنڊ لڳايو وڃي ها ته صورتحال ايستائين نه پهچي ها. غيرضروري اپيلون داخل ڪرڻ سان عدالتي نظام مفلوج ٿي رهيو آهي. غير ضروري اپيلون داخل ڪرڻ سان عدالتي نظام مفلوج ٿيندو پيو وڃي بنا سبب جي ڪيس داخل ڪرڻ تي عدالت کي ڏنڊ لڳائڻ گهرجن سپريم ڪورٽ زال کي حق مهر دير سان ڏيڻ تي مڙس تي هڪ لک روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو ۽ خالد پرويز جي گهر واري ثمينه کي حق مهر جي ادائيگي جي حڪم خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.