وزيراعظم شهباز شريف ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم سان ٽيليفون تي رابطو ڪندي پاڪستاني شاگردن کي واپس آڻيندڙ خصوصي جهاز بابت ضروري انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته زخمي پاڪستاني شاگردن کي اوليت جي بنياد تي واپس آندو وڃي، ڪرغزستان ۾ موجود سمورن پاڪستاني شاگردن ۽ ان جي خاندانن سان رابطي ۾ رهو پاڪستاني سفير وزيراعظم شهباز شريف کي ڪرغز نائب پرڏيهي وزير سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي خصوصي جهاز اڄ شام بشڪيڪ ڪرغزستان جي لاءِ روانو ٿيندو. خصوصي جهاز رات جو 130 پاڪستاني شاگردن کي کڻي پاڪستان پهچندو. جهاز جا سمورا خرچ پاڪستان جي حڪومت ادا ڪندي.