زلمي خليل زاد جو عمران خان جي حمايت ۾ بيان: آمريڪي پرڏيهي وزارت وضاحت جاري ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا افغانستان جي لاءِ اڳوڻي آمريڪي ايلچي زلمي خليل زاد جو پاڪستان جي سياسي صورتحال بابت بيان تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار زلمي خليل زاد هڪ ٻئي پٺيان بيانن ۾ عمران خان جي موقف جي حمايت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته پاڪستان ۾ چونڊون تڪڙيون ڪرايون وڃن. ان تي پاڪستاني پرڏيهي وزارت به احتجاج ڪيو هو.زلمي خليل زاد پاڪستاني سياسي صورتحال تي بيان جاري ڪندي چيو هو ته پاڪستان کي 3 بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اهي بحران سياسي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي جا آهن. اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار چيو ته اهي سنجيده، جرئتمنداڻه سوچ ۽ حڪمت عملي جو وقت آهي. سياستدانن کي جيلن ۾ وجهڻ، ڦاهي ڏيڻ، قتل ڪرڻ غلط رستو آهي.زلمي خليل زاد چيو ته عمران خان جي گرفتاري سان پاڪستان جو سياسي بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. خرابي کي روڪڻ جي لاءِ جون جي آخر ۾ قومي چونڊن جي لاءِ هڪ تاريخ مقرر ڪريو. جيڪا پارٽي چونڊون کٽيندي ان کي عوام جو مينڊيٽ حاصل هوندو ته ڇا ڪرڻ گهرجي.ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ودنت پٽيل پريس بريفنگ ۾ وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته زلمي خليل زاد عام شهري آهي ان جا بيان ذاتي حيثيت ۾ آهن. هن چيو ته زلمي خليل زاد جو بيان بائيڊن انتظاميه جي نمائندگي نٿو ڪري. بيان جو آمريڪي پرڏيهي پاليسي سان ڪوبه تعلق نه آهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته تشدد، حراسمينٽ يا ڌمڪي جو سياست ۾ عمل دخل ناهي. اسان سياسي ڌرين کي قانون جي عزت ڪرڻ لاءِ حوصله افزائي ڪندا آهيون، عوام کي جمهوري ۽ آئيني طريقي سان پنهنجي ملڪ جي اڳواڻن جي چونڊ ڪرڻ ڏنو وڃي.