تفصيل مطابق، وزيراعلي بلوچستان سرفراز بگٽي جي زير صدارت زيارت ڊولپمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ زيارت کي پاڪستان جو ماحول دوست سياحتي مڪان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هن منصوبو تي عملدرآمد لاءِ عالمي ۽ قومي سطح تي پيشڪشون طلب ڪيون وينديون. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته زيارت ۾ واقع وزيراعليٰ انيڪس، چيف سيڪريٽري، آءِ جي هائوسز، اعليٰ شخصيتن لاءِ مخصوص عمارتون ۽ ريسٽ هائوسز کي پبلڪ پرائييويٽ پارٽنر شپ تحت سياحتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته زيارت ڊولپمينٽ اٿارٽي کي سياسي اثر رسوخ کان آزاد فعال ادارو بڻايو ويندو، جنهن ۾ نه ته ڪنهن سياسي شخصيت کي مداخلت ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ نه ئي ڪنهن سرڪاري افسر کي ڪمشن حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته ميرٽ کان هٽي ڪري ڪنهن ڪم ۾ مداخلت نه ٿيندي ۽ ڪوئيٽا، زيارت ڊولپمينٽ اٿارٽي هڪ خودمختار ادارو طور ڪم ڪندي جنهن ۾ هر سطح تي شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعليٰ بلوچستان جو اهو به چوڻ هو ته ايندڙ 2 سالن ۾ زيارت کي ملڪ جو منفرد سياحتي مڪان طور متعارف ڪرائي ڇڏيو ويندو.