سائفر ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي 10 گواهن کي پيش ڪيو ويو جتي انهن جي حاضري کان پوءِ بيان رڪارڊ ڪرڻ جو معاملو ٻيهر ملتوي ٿي ويو آهي ٻڌڻي جي لاءِ جج ابوالحسنات محمدالذوالقرنين اڊيالا جيل پهتو جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل ۽ ايف آءِ اي جي ٽيم به گواهن کي گڏ کڻي اڊيالا جيل پهتي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي جا وڪيل به اڊيالا جيل پهچي ويا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت جي ڪمري ۾ پهتا. جڏهن ته ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر رضوان عباسي به اڊيالا جيل جي خصوصي عدالت ۾ موجود هو. عدالت پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته بسم الله ڪريو، پهريان ڪهڙي گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائيندو سائفر ڪيس جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي 10 گواهه عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا جن ۾ عمران سجاد ڊي ڊي، عقيل حيدر ڊي ڊي، شمعون قيصر، ايم افضل، نادر خان، اقرا اشرف، فرخ عباس، حسيب بن عزيز، آئي او شبير ۽ خوشنود شامل هئا. پيش ڪيل 10 سرڪاري گواهن جي عدالت ۾ حاضري جو عمل مڪمل ٿيو. جنهن کان پوءِ جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين سمورن گواهن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي 7 نومبر تي طلب ڪري ورتو.