سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي خلاف محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خلاف سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي خلاف محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس عامر فاروق سڀاڻي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندو واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل جي بجاءِ عدالت ۾ ٻڌڻي جي استدعا ڪري رکي آهي. جنهن تي ڪجهه ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصلو محفوظ ڪيو هو ٻئي طرف سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خصوصي عدالت به پي ٽي آءِ چيئرمين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.