سائفر ڪيس: عمران خان جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور، جيل ٽرائيل ڪالعدم قرار

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائيل جو 29 آگسٽ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج جي مقرري صحيح قرار ڏئي ڇڏي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو هاڻ جاري ڪيو ويو آهي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج جي مقرري خلاف به فيصلو جاري ڪيو ويو. عدالت جيل ٽرائيل جي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽراڪورٽ اپيل منظور ڪندي سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائيل جو 29 آگسٽ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته غير معمولي حالتن ۾ ٽرائيل جيل ۾ ڪري سگهجي ٿو. قانون موجب جيل ٽرائل اوپن يا ان ڪيمرا ٿي سگهي ٿو. جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 13 نومبر تي ڪابينه جي منظوري کان پوءِ جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن ماضي جي فيصلن تي لاڳو نه هوندو عدالت آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج جي مقرري خلاف به فيصلو جاري ڪيو ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج جي مقرري کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو آهي.