اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي درخواست تي ايف آءِ اي ۽ اڳوڻي گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي عمران خان جي خلاف سائفر ڪيس ۾ اڳوڻو گهرو سيڪريٽري ڪمپلينٽ آهي جنهن تي عدالت پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ايف آءِ اي ۽ اڳوڻي گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيو آهي جڏهن ته عدالت عمران خان جي حڪم امتناع جي درخواست تي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي عمران خان جي وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين ٽرائيل روڪي ڇڏي جنهن تي جسٽس ميان گل حسن چيو ته رپورٽ اچي وڃي پوءِ ڏسنداسين ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي طرفان سائفر ڪيس ۾ اڄ سرڪاري گواهن کي پيش ڪيو ويندو جيڪي پنهنجا بيان قلمبند ڪرائيندا. هن ڪيس ۾ گڏيل طور تي 28 سرڪاري گواهن کي پيش ڪيو ويندو.