سائفر ڪيس: عمران خان جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ايندڙ هفتي جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت جو ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي جنهن جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ٻڌڻي ڪندو. عدالت ڪيس ۾ دليلن جي لاءِ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.