اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تي سائفر ڪيس ۾ 12 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انٽظام ڪيا ويا هئا ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي حڪم تي اڄ ميڊيا جي نمائندن کي به ڪوريج جي لاءِ جيل جي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي عدالت قرار ڏنو ته سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي 12 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي. عدالت طرفان اڳوڻي پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي ڪيس جي نقل ڪاپي ڏني وئي آهي عدالت طرفان ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا ته هاءِ ڪورٽ جي ڊائريڪشن آهي ته هڪ مهيني اندر ٽرائيل کي مڪمل ڪرڻو آهي. سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي.