سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران فرد جرم لاڳو ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي عدالت فرد جرم روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته اڄ جي تاريخ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ رکيل هئي. ان ڪري اڄ فرد جرم لاڳو ڪئي وڃي ٿي عدالت ڪيس جي گواهن جا بيان 27 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتا آهن. سائفر ڪيس جي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي ياد رهي ته ان کان اڳ 17 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي پر ان وقت تحريڪ انصاف جي وڪيلن طرفان چالان جون ڪاپيون نه ڏيڻ جو اعتراض اٿاريو ويو هو. پي ٽي آءِ جي اعتراض کان پوءِ فرد جرم جي تاريخ اڄ مقرر ڪئي وئي هئي اڄ ٻڌڻي جي موقعي تي راولپنڊي جي اڊيالا جيل ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي. ياد رهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي هن وقت سائفر ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.