سائيفر ڪيس: شاهه محمود قريشي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل اسپيشل عدالت سائيفر ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي سائيفر ڪيس ۾ گرفتار شاهه محمود قريشي کي ايف آءِ اي جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد اسپيشل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ايف آءِ اي طرفان جاچ لاءِ شاهه محمود قريشي کي وڌيڪ ريمانڊ تي ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي ج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين سائيفر ڪيس جي اِن ڪيمرا ٻڌڻي هلائي ھاد رهي ته ان کان اڳ عدالت شاهه محمود قريشي کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سندس جسماني رمانڊ جو مدو 7 ڏينهن ٿي ويو آهي.