سرحد ڀرسان زمين جي معاملي تان پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڳوٺاڻي جو سرحد پريس ڪلب پهچي احتجاج انصاف جون اپيلون

سرحد ڀرسان زمين جي معاملي تان پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڳوٺاڻي جو سرحد پريس ڪلب پهچي احتجاج انصاف جون اپيلون، خبرموجب سرحد ڀرسان ڳوٺ درمحمد پهوڙ واسي محمد حسن پهوڙ سرحد پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته برادري جا راڻو پهوڙ، ۽ صاحب پهوڙ زمين جي معاملي تان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هن وڌيڪ چيو ته راڻو پهوڙ سان هڪ جريب چار ويسا زمين خريد ڪئي هئي جنهن صاحب پهوڙ پڻ ضامن هو مگر هاڻي زمين جو کاتو نٿو ڏنو وڃي راڻو ۽ صاحب پهوڙ ٻئي زمين جو کاتو گهرڻ تان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هن اعلى اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي زمين جو کاتو ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آھي