سرهاڙي ڀرسان کنڊو اسٽاپ تي يوريا ۽ ٻي ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف آبادگارن ۽ هارين وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.
اڳواڻن ڪامريڊ علي جمالي، مير اعجاز جمالي، شوڪت جمالي، سهڻو انڙ، غلام سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کنڊو اسٽاپ تي يوريا ۽ ٻي ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن ميڊيا اڳيان داهندي چيو ته حڪومت جي سرپرستي ۾ آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي، ڀاڻ جي بليڪ جي وڪري خلاف آبادگارن جي شڪايتن تي ڪوبه عمل نه پيو ڪيو وڃي، ڊي اي پي ۽ اينگرو يوريا ڀاڻ پيڊهي مالڪان بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ من پسند ماڻھن کي ڏئي رهيا آهن، اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي. شڪايتن ۽ احتجاجن تي به ڪا ڪارروائي نه ٿي رهي آهي. جيڪو آبادگارن سان سراسر ظلم ۽ زيادتي آھي هنن نوابشاهه ضلعي جي ڊي سي ۽ ٻي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ايڪشن وٺي هارين سان انصاف ڪيو وڃي