سرهاڙي ڀرسان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو فوت، 7 ڄڻا زخمي

سرهاڙي ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش مگسي ۾ رستي جي لنگھ تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻن ڌرين جا 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو سرھاڙي ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش مگسي ۾ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي لنگھ تان جھيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو ھڪ ڄڻو عبدالغفور مگسي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن تـ ٻنھي ڌرين جا ڪھاڙين ۽ لٺين لڳڻ سبب 7 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا زخمين ۾ صدام حسين، عبدالوهاب، عبدالرحمان، محمد يوسف، غلام نبي، حاجي سبحان مگسي ۽ ٻيا زخمي شامل آهن جڏهن ته وارثن چيو ته ھيڏو وڏو واقعو ٿيو آھي پوليس ھن محل تائين ناھي پھچي سگهي.