سرھاڙي ڀرسان ڳوٺ رمضان اُنڙ ويجھو لطيف اُنڙ پاڙي ۾ گھر جي ڀِت ڌماڪي سان ڪري پئي ڀِت جي ڀرسان راند ڪندڙ 4 معصوم ٻارڙا دٻجي ويا گھر ڌڻين ۾ رڙيون پئجي ويون رڙين تي ڳوٺاڻا بروقت پھچي ويا جن بروقت زخمين ۽ فوتي ٻارڙن کي ڪڍي ورتو. ڀت ڪرڻ جي نتيجي ٻه ٻارڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن ته ٻن زخمي ٻارڙن کي سرھاڙي رورل ھليٿ سينٽر آندو ويو جتي رورل ھيلٿ سينٽر سرھاڙي کي تالا لڳل ھئڻ جي ڪري ۽ ڊاڪٽر نه ھجڻ جي ڪري زخمي ٻارڙن تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. فوتين ۾ 10ورهين جو محمد اشرف اُنڙ، 8سالا ابوبڪر اُنڙ، 8 سالا ظھُور احمد انڙ ۽ 8 سالا حِرا اُنڙ شامل آھن چئني ٻارڙن جي لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.