سرڪاري زمين تي قبضي جو ڪيس: محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل

سرڪاري زمين تي قبصي جي ڪيس ۾ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا ويا آهن. جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪوئٽه اڄ گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. محمود خان اچڪزئي تي گوالمنڊي ٿاڻي ۾ قلم 448 ۽ قلم 447 جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سرڪاري زمين تي قبضي جي ڪيس ۾ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. جوڊيشل مئجسٽريٽ محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري  وارنٽ معطل ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي تائين مقرر ڪري ڇڏي.