سرڪاري ملازمن جون حاضريون لڳرائڻ باوجود صوابي جلسي ۾ 5 هزار ماڻهو به جمع نه ٿي سگهيا: عظميٰ بخاري

 مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام به پي ٽي آءِ باني جي انتشار ۽ باهيون ڏيڻ واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته حڪومتي وسيلن جي استعمال ۽ سرڪاري ملازمن جون جلسي گاهه ۾ حاضريون لڳرائي به  هي پنج هزار ماڻهن کي گڏ نه ڪري سگهيا. عظميٰ بخاري چيو ته جنيد اڪبر پنهنجي پهرين امتحان ۾ ئي فيل ٿي ويو، جڏهن ته علي امين گنڊاپور روايت موجب پي ٽي آءِ باني کي خوش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پنجاب جي ڪنهن به ضلعي مان ماڻهو نه نڪتا، جيڪي نڪتا به اهي صرف ڏيکارڻ جي لاءِ گرفتاريون ڏيڻ آيا ته جيئن پي ٽي آءِ باني جي سامهون نمبر ٺاهي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي ناڪام بغاوتن کان پوءِ عوام احتجاجي سياست کان تنگ اچي چڪي آهي. خيبرپختونخواهه جي نوجوانن به ڏسي ورتو آهي ته پنجاب جي نوجوانن کي اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ اسڪالر شپ ملي رهي آهي. انهي ڪري انهن کي به ساڳيون سهولتون ملڻ گهرجن. عظميٰ بخاري اعلان ڪيو ته انشاءَالله جلد ئي مريم نواز خيبرپختونخواهه جي نوجوانن کي به اسڪالر شپ ڏيندي. هن مسلم ليگ(ن) جي قيادت ويزن تي ڀروسي جو اظهار ڪندي چيو ته ميان نوازشريف جي قيادت ۾ پاڪستان ٻيهر هڪ طاقتور ملڪ جي  طور تي دنيا جي نقشي تي اڀري رهيو آهي.