سعودي عرب جو نائب وزير سرمائيڪارن جي اڳواڻي ۾ 30 کان وڌيڪ سي اي اوز جو وفد اڄ پاڪستان پهچندو. ذريعن موجب پاڪستان ايندڙ سرمائيڪارن جو وفد سعودي فرمانروا ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي خصوصي هدايتن تي پاڪستان پهچي رهيو آهي. سعودي عرب جا ڪاروباري، واپاري ۽ سرمائيڪار شخصيتون وفد جو حصو هونديون. ان حوالي سان گذريل ڏينهن وفاقي وزير پيٽروليم ۽ فوڪل پرسن سعودي ڀائيواري مصدق ملڪ چيو آهي ته سعودي وفد جي پاڪستان ۾ موجودگي جي دوران 10 ارب ڊالر تائين جي سرمائيڪاري جي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي. مصدق ملڪ ٻڌايو ته سعودي وفد ۾ سعوديه جي آءِ ٽي ميرين مائننگ، تيل ۽ گيس جي ڳولا، دوائن جي تياري لاءِ ايوي ايشن جي وڏين وڏين ڪمپنين جا 30 کان وڌيڪ سي اي اوز شامل هوندا. هوڏانهن فنانس، زراعت، ٽيلي ڪميونيڪيشن، تعميرات، لاجسٽڪ سروسز، پراپرٽي ڊويلپرز، ريٽيلرز ۽ ٻين ڪمپنين جا سربراهه به وفد سان گڏ پاڪستان ايندا.