سعودي عرب پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، آءِ ايم ايف جي تصديق

اسلام آباد: سعودي عرب پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏيندو جنهن جي تصديق آءِ ايم ايف به ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته متحده عرب امارات کان به فنڊنگ جو انتظار آهي ۽ واڌو هڪ ارب ڊالرن جي ڊيپازٽس تي نظرون رکيل آهن هوڏانهن فيول تي سبسڊي آءِ ايم سان معاهدي ۾ رنڊڪ آهي. ذريعن موجب سستي پيٽرول جي تجويز ختم ڪرڻي پوندي. جڏهن ته حڪومت اڃان تائين ڪابه حڪمت عملي تيار ناهي ڪئي. ٻئي طرف ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ جي حوالي سان شرطون پوريون ٿيڻ تي آءِ ايم سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو.ورلڊ بينڪ به پاڪستان جي ڊوالپمينٽ، تازي معاشي ترقي ۽ ان بابت خدشن تي پنهنجي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي خرچ گهٽ ڪرڻو آهي ته بجلي ۽ پيٽرول تي سبسڊي ختم ڪري، جيڪو پاڪستان پائيدار معاشي ريفارمز ذريعي ئي حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻٽي وزارتن ۽ کاتن کي برقرار رکڻ کان علاوه صوبائي نوعيت جي منصوبن کي وفاق تحت وسيلن سان مڪمل ڪرڻ سان ساليانو 800 ارب روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.