سعودي عرب ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري، مسجد نبوي ۾ نمازين جون برسات دوران دعائون

سعودي عرب ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب تيز برسات سبب اترين علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي. مديني ۾ کنوڻ ۽ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري آهي، رياض ۾ اڄ اسڪول بند رهندا. سعودي عرب ۾ تيز برسات سبب پاڻي مسجد نبوي ۾ داخل ٿي ويو آهي، برسات دوران نمازين جي دعا  جا فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا موجب تيز برسات کان پوءِ مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي ويون آهن، جڏهن ته شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ٻئي طرف متحده عرب امارات ۾ اڄ شام کان خميس تائين تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي دبئي، ابوظهبي، شارجه، عجمان، راس الخيمه ۽ فجيره ۾ خميس تائين برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. انتظاميه شهرين کي حفاظتي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ به متحده عرب امارات ۾ تيز برساتون پئجي چڪيون آهن.