سعودي عرب ۾ ٽيڪس جرمانن ۽ مالي سزائن کان استثنا اسڪيم ۾ 31 ڊسمبر 2026 تائين واڌ

سعودي عرب ٽيڪس جرمانن ۽ مالي سزائن کان استثنا واري اسڪيم ۾ 31 ڊسمبر 2026 تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي۔
زڪوات، ٽيڪس ۽ ڪسٽمز اٿارٽي موجب ناڻي واري وزير هن فيصلي جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت سڀني ٽيڪس نظامن جي ٽيڪس ڏيندڙن کي جرمانن ۽ مالي سزائن کان وڌيڪ رعايت ملندي. هي واڌ 6 مهينن جي اضافي سان 1 جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿيندي۔سعودي گزٽ موجب هن اسڪيم تحت مختلف ٽيڪس جرمانا معاف ڪيا ويندا، جن ۾ دير سان رجسٽريشن جا جرمانا، ٽيڪس جي وقت تي ادائيگي نه ڪرڻ تي سزائون، دير سان ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جا جرمانا، ۽ ويليو ايڊڊ ٽيڪس جي گوشوارن ۾ ڪيل سڌارن سان لاڳاپيل جرمانا شامل آهن