سعودي عرب جي ريگستانن ۾ 100 ورهين کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ ناياب ايشيائي جهنگلي گڏهه (اونِيگر) جي ٻچي جي پيدائش ٿي آهي. عرب ميڊيا موجب هن خوشگوار واقعي جو انڪشاف ٻچي جي ڄمڻ کان لڳ ڀڳ هڪ سال پوءِ ڪيو ويو آهي.
سعودي وائلڊ لائيف اختيارين موجب هي نر ٻچو جون 2025ع ۾ شهزادو محمد بن سلمان رائل ريزرو ۾ پيدا ٿيو هو. هن جي پيدائش جزيره عرب ۾ جهنگلي جيوت جي بحالي واري پروگرام تحت ٿي، جنهن جو مقصد ناياب جانورن ۽ پکين کي سندن قدرتي رهائشي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪرڻ آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ريزرو ۾ هن وقت 23 مختلف جهنگلي نسلن جي بحالي لاءِ ڪم جاري آهي. ايشيائي جهنگلي گڏهه جي ٻچي جي پيدائش جو اعلان هڪ سال دير سان ان ڪري ڪيو ويو، ڇاڪاڻتہ هن نسل جي ٻچن لاءِ زندگي جو پهريون سال انتهائي نازڪ هوندو آهي ۽ انهن جي بقا جي شرح 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندي آهي.ماهرن موجب هي پيدائش سعودي عرب ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪوششن جي هڪ وڏي ڪاميابي سمجهي وڃي ٿي۔